شيخ ابو طاهر الڪوراني

شيخ ابو طاهر الڪوراني: نامور عالم ۽ محدث ابو طاهر جو اصل نالو محمد بن ابراهيم هو. هن يارهين رجب 1081هه/ 14 نومبر 1670ع تي مديني منوره ۾ جنم ورتو. سندس ڪنيت ‘ابو طاهر’ آهي، جنهن سان مقبول ٿيو. ابتدائي تعليم ۽ قرآن مجيد پنهنجي والد وٽ پڙهيو، جيڪو به وڏو عالم ۽ محدث هو . ان کانپوءِ ٻين وڏن عالمن وٽ حديث جو علم پڙهي سندون حاصل ڪيائين. علم نحو، شيخ محمد ادريس المغربي وٽ سکيو، جيڪو ان وقت نحو جو وڏو عالم سمجھيو ويندو هو. فقه شافعي، شيخ علي الطولوني المصري ۽ معقولات شيخ المنجم الباشي الرومي کان سکيو. کيس حديث جي اجازت ننڍ پڻ ۾ والد جي معرفت شيخ عبدالله بن سعدالله اللاهوري کان مليل هئي. هن مديني شريف ۾ سڄي دنيا کان آيل شاگردن کي قرآن ۽ حديث جي تعليم ڏني، جيڪي اڳتي هلي نامور عالم ثابت ٿيا، انهن ۾ سنڌ جو مشهور عالم ۽ محدث شيخ محمد حيات سنڌي المدني ۽ هندستان جو الله دهلوي'>شاهه ولي الله دهلوي الهندي شامل آهن. هي شافعي مسلڪ جو وڏو عالم هو. کيس مديني منوره لاءِ شافعي مسلڪ جو مفتي ۽ قاضي مقرر ڪيو ويو هو. ان عهدي تي گھڻي عرصي تائين پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏنائين. مديني شريف توڙي سڄي دنيا جا وڏا عالم وٽس اچي حديث جو علم سکندا هئا. هن 70 کن ڪتاب لکيا، جيڪي حديث ۽ ٻين مذهبي معاملن تي آهن. انهن ڪتابن مان شرح الفصوص الشيخ الاڪبر، منتخب ڪنز العمال في سنن الاقوال للمتقي، اختصار شرح شواهد الرضي للبغدادي اهم آهن. هن 64 سالن جي عمر ۾ 9 رمضان 1145هه/ 12 فبروري 1733ع تي وفات ڪئي. کيس جنة البقيع ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1670.11.14  عيسوي

شيخ ابو طاهر الڪوراني يارهين رجب 1081هه/ 14 نومبر 1670ع تي مديني منوره ۾ جنم ورتو.


1733.02.12  عيسوي

شيخ ابو طاهر الڪوراني 9 رمضان 1145هه/ 12 فبروري 1733ع تي وفات ڪئي. کيس جنة البقيع ۾ دفنايو ويو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حافظ علي محمد آخوند
طحاوي رحه امام
حافظ محمد ابراهيم مولانا
سيد محمد شاهه مست
جهان مخدوم سنڌي
ابوالحسن ڏاهري
عبدالجبار صديقي مخدوم
آخوند فيض محمد
حافظ عبدالله حامدي
عبدالحليم ڪنڊوي مولانا
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون